مشتاق ڀرڳڙي

مشتاق ڀرڳڙي

ڀرڳڙي مشتاق

ڀرڳڙي، مشتاق: نوجوان ڪهاڻيڪار، شاعر، ڪا9989لم نويس ۽ نقاد مشتاق ڀرڳڙيءَ جو پورو نالو مشتاق علي ولد محمد ڇُٽل ڀرڳڙي هو. هن 16 سيپٽمبر 1974ع تي اٺين شاخ لڳ جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم وزيرآباد اسڪول دادو، مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول دادو، بي. ايس. سي، استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو، جڏهن ته بي. اي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان بين الاقوامي تعلقات شعبي ۾ ڪيائين. ادبي لحاظ کان هو سٺي ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ نقاد جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو.
هن لکڻ جي شروعات 1988ع کان ڪئي. سندس ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب ”پاڇي“ (1999ع) ۽ ”سفر“ (2009ع) ۽ مضمونن، ڪالمن ۽ خاڪن جو ڪتاب ”لفظ نه آهن کيڏوڻا“ (2005ع) ۽ شاعري ”موکيءَ مٽ اپٽيا“ (ڏهن شاعرن سان گڏ: 2005ع) ڇپيل آهن. هن ٻه ماهي ”رم جهم“ - دادو جا ڪجهه پرچا ايڊٽ پڻ ڪيا هئا. سندس وفات 2007ع ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.09.16  عيسوي

مشتاق علي ڀرڳڙي 16 سيپٽمبر 1974ع تي اٺين شاخ لڳ جوهي ۾ ڄائو


2007.00.00  عيسوي

مشتاق ڀرڳڙي 2007 ۾ وفات ڪري ويو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سچل سرمست
فرهاد جروار
شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو
پرسرام مشتري ڀاٽيا
روشن محمد ذهين ٺٽوي
رفيعه ملاح
سوڀو فقير لغاري
حاجي عبدالله ڊکڻ
بهاؤالدين
شاهده کوکر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون